اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آه?? ته انصاف جو پلڙو سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، چون??ون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، اسان آئين، قانون ۽ سپريم ڪورٽ جو احترام ڪر??ون ٿا، پر اقليتي فيصلا نه مڃينداسين، ڪنهن لاءِ عمر ڀر نااهلي ڪنهن لاءِ تاحيات ضمانت سواليه نشان آه??. شاهراهه دستور تي پي ڊي ايم جي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي هن وڏي تعداد ۾ عوام جي شرڪت تي کين خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اڄ عوام جو ڇول??ون هڻندڙ سمنڊ نظر اچي رهيو آه??، لکين ماڻهو موجود آه?? پر گلدان به نه ڀڳو، اسان شاهراهه دستور تي واقعي سنگ مرر جي اڇي عمارت، آئين ۽ قانون جو احترام ڪر??ون ٿا، پر هن عمارت جو تقدس انصاف سان جڙيل آه??، هن چيو ته سنگ مرمر جي هن عمارت مان عوام کي انصاف، طاقتور کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ هو، پارليامينٽ جي مضبوطي جي آواز هن عمارت مان بلند ٿيڻي گهرجي ها ۽ سائلن ۽ مجبورن کي انصاف ملڻو هو پر هن عمارت مان چونڊيل وزيراعظمن کي سسيلين مافيا ۽ گاڊ فادر چيو ويندو رهيو ۽ ڪجهه جي لاءِ سهولتڪاري ڪئي وئي. هن چيو ته 60 ارب روپين جي جوابدار کي هن عمارت ۾ ڀليڪار چيو وڃي ٿو ۽ چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪليو وڃي ٿو، ڪنهن کي جلاوطني نصيب ٿيندي آه?? ته ڪنهن کي ڦاهي، ڪنهن کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن کي عمر ڀر لاءِ نااهلي ملي ٿي، انصاف جو پلڙو سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي. مريم نواز چيو ته هن عمارت ۾ ويٺل ماڻهو پي سي او ۽ ايل ايف او تحت حلف کنيا، هن سوال ڪيو ته ڇا ڪڏهن ڪنهن آمر کي به گهر موڪليو ويو؟ آمرن خاطر هميشه نظريه ضرورت کي زنده ڪيو ويو، پهرئين، ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين سمورن آمرن کي ٺپو هن عدالت مان مليو پر اڄ فوج مارشل لا لڳائڻ لاءِ تيار نه آه?? ۽ جمهوريت ۽ آئين سان گڏ بيٺل آه??، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته خواجه طارق رحيم جيڪو عمران خان جو وڪيل آه??، سان ڳالهين ۾ مارشل لا نه لڳڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو جيڪو افسوسناڪ آه??، مريم نواز چيو ته ڪڏهن عوام ۽ جمهوريت ۽ جيلن ۾ بي گناهه قيد لکين ماڻهن لاءِ به ڪو نظريه ضرورت زنده ٿيو؟ جسٽس ڪارنيليس جو حوالو ڏيندڙ در اصل جسٽس منير جا پيروڪار آه??، عمرانداري لاءِ انصاف جو رت وهايو پيو وڃي، هن چيو ته گهڙي چور کي توشاخانه ڪيس ۾ به ضمانت ملي وئي آه??، پنڪي پيرني هيري جون منڊ??ون تحفي ۾ وٺي ٿي، گهڙ??ون وڪرو ڪري ٿي ۽ القادر جي زمين وٺي ٿي پر جڏهن سوال ڪيو وڃي ٿو ته عدالت ۾ چوي ٿي ته مان گهريلو عورت آه??ان. مريم نواز چيو ته هو به هڪ عورت آه?? پر عورت هجڻ جي ناطي کيس ڪا سهولت نه ڏني وئي ۽ انتقامي ڪارروا??ون ڪندي لحاظ نه ڪيو ويو پر مون ضمانت تائين نه ڪرائي ۽ چيو ته جنهن کي گرفتار ڪرڻو آه?? ڪري وٺي، اڄ پنڪي پيرڻي کي عدالت جي ڪمري تائين گاڏي ۾ سفيد چادرن جي گهيري ۾ آندو ويو. هن سوال ڪيو ته ڇا ٻين جي گهروارين، ڌيئرن، ڀينرن جي ڪا عزت ناهي؟ جڏهن عمران خان اقتدار ۾ هو ته اسان کي ڌڪا ڏيندي عدالتن ۾ وٺي ويندا هئا، تڏهن اهو وساري ويٺو هو ته الله سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آه??، هن چيو ته عمران خان کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ آئين کي ري رائيٽ ڪيو ويو، چار ٽي جو فيصلو آه?? پر چيو ويو ته ٽي ٻه جو اقليتي فيصلو مڃيو وڃي، اسان اهو فيصلو ڇو مڃون، فيصلو ڏيندڙن جي ساٿي ججز به ان فيصلي تي اعتراض ڪيو ۽ چيو ته سوموٽو جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ون مين شو بڻايو ويو آه??. هن چيو ته حمزه شهباز جي حڪومت کي ٽوڙي پليٽ ۾ رکي عمران خان کي پيش ڪئي وئي، جڏهن ??بر هئي ته اسيمبل??ون ٽوڙيندو ته هي پاڪستان خلا?? گهري سازش هئي جنهن ۾ پرويز الاهي، عمران خان کانسواءِ ٻيا به ڪردار شامل هئا جن رليف ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي، هن چيو ته ثاقب نثار اڄ ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل به ناهي ان جو پٽ ٽڪيٽون بليڪ تي وڪڻندي پڪڙجي پيو، آصف سعيد کوسا عمران خان جي ڌرڻي جي ناڪامي کانپوءِ پاڻ دعوت ڏني ته درخواست کڻي مون وٽ اچو، هن چيو ته ڪرپشن جا دستان شاهراهه دستور تي بيٺل ٽوئن ٽاور جي صورت ۾ سڄي پاڪستان ۾ مشهور آه??، مريم نواز چيو ته سندن احتجاج پرامن آه?? ڇاڪاڻ ته هي فارن فنڊڊ نه پر محب وطن ماڻهن جو ميڙ آه??، هن 9 مئي تي ٿيل حملن ۽ تشدد جي مذمت ڪندي چيو ته جنهن فتني کي پالي وڏو ڪيوويو ان جو نتيجو 9 مئي جي واقعن جي صورت ۾ سامهون آيو ۽ ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ جيڪو ڪم ڀارت جهڙو ازلي دشمن ۽ دهشتگرد به نه ڪري سگهيو اهو فتني ڪري ڏيکاريو، هنگامن ۾ نه رڳو ريڊيو اسٽيشن پشاور ۽ اسپتال سميت سرڪاري ۽ نجي ملڪيتون ساڙ??ون و??ون پر ڪور ڪمانڊر جو گهر جيڪو دراصل قائداعظم جو گهرو هو ان کي به نه بخشيو ويو، مريم نواز چيو ته جي ايڇ ڪيو ته پهر??ون حملو ٽي ٽي پي ۽ ٻيو حملو عمران خان ڪيو، اهي جنگي جهاز جنهن سان اسان دشمن جا ويڙهاڪ جهاز نشانو بڻائي ڪيرائيندا هئاسين ۽ اهي قوم جي فخر جي علامت هئا انهن کي لاڏلي باهه ڏياري ڇڏي. مريم نواز چيو ته پوري پاڪستان ۾ ڪٿي به 500 جي تعداد ۾ به عام ماڻهو نه نڪتا، وڳوڙي پي ٽي آءِ جا تربيتي ماڻهو هئا جن کي زمان پارڪ ۾ پلستر چاڙهي ويٺل عمران خان ان تربيت يافته دهشتگردن ذريعي ٽرينڊ ڪيو جن کي هن آزاد ڪرايو هو، هن چيو ته هن وڳوڙن تي عمران خان چئي ڇڏيو ته مان قيد ۾ هئس ان لاءِ مون کي ڪابه ??بر نه آه??، ان وقت عمران خان ڪهڙي جيل ۾ بند هو جڏهن شاهراهه دستور تي سول نافرماني ڪندي عمران نيازي قبرون کوٽرا??ون ه??ون ۽ شلوارون ٽنگ??ون ه??ون ۽ پوليس آفيسرن کي حملا ڪرايا، قومي ادارن ۾ گهڙي انهن کي نقصان پهچايو. مريم نواز چيو ته عمران خان کي رينجرز جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي جنهن سندس اها ٽنگ به ٺيڪ ڪري ڇڏي جيڪا 6 مهينن کان ٺيڪ نه ??ي رهي هئي، هن چيو ته عمران خان هڪ ئي ڏينهن پٽيشن داخل ڪ??ون ۽ انهي ڏينهن ضمانتن جي برسات ٿي وئي ۽ آزادي ملي وئي ۽ مرسڊيز ۾ رخصت ڪيو ويو ان لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو ۽ جيڪي ڏوهه ۽ گناهه نه ڪيا انهن ۾ ضمانتون ڏن??ون ويون، هن سوال ڪيو ته ڇا پوري دنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن کي اهڙي طرح جو ضمانتون مليون آه??. هن چيو ته انصاف جو پلڙو سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، ڪنهن کي تاحيات ضمانت ۽ ڪنهن کي تاحيات نااهلي نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کان استعيفا جو مطالبو ڪر??ون ٿا. ان موقعي تي پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.