اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي شهري جي ٽن امپورٽيڊ گا??ين جي غلط نيلامي تي رقم جي ادائيگي ۽ معافي وٺڻ جي هدايت ڪندي وفاقي م??تسب جي حڪمن جي خلاف شڪايت ڪندڙ جي داخل درخواست قبول ڪري ورتي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪسٽمز عملدارن شهري کي بنا نوٽيس جاري ڪ??ڻ جي ٽي گا??يون اٽڪل 30 لک رپين جي گهٽ قيمت تي نيلام ڪيون، ايف بي آر شهري کان معافي وٺي ۽ نيلام ٿيل ٽن گا??ين جي قيمت ادا ڪري. هن چيو ته شهري پاران ادا ڪيل ڪسٽم ڊيوٽي پڻ غيرمجاز ڪليئرنگ ايجنٽن کي واپس ڪئي وئي جيڪي بعد ۾ رقم کڻي گم ٿي ويا، ايف بي آر سمورين رسيدن/ دستاويزن جي تصديق ڪري، گا??ين جي قيمت موجب رقم واپس ڪري ۽ درآمد ڪندڙن/ مالڪن کي ادا ڪيل ڊيوٽي/ چارجز واپس ڪري. صدر چيو ته شهري سمورا دستاويز فراهم ڪري ته جيئن ايف بي آر 30 ڏينهن جي اندر ادائيگي ڪري سگهي، رقم جي ادائگي ۾ منافعو به شامل ڪيو وڃي ڇو ته نيلامي جي رقم سرڪاري خزاني ۾ پيل رهي. صدر وفاقي م??تسب جي حڪمن خلاف افتخار احمد اعواڻ (شڪايت ڪندڙ) جي داخل درخواست قبول ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب جاپان ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين پنهنجي خاندان جي ذاتي استعمال جي لاءِ قانوني طور تي ٽي گا??يون درآمد ڪيون، قانوني گهرجون پوريون ڪ??ڻ جي باوجود ايف بي آر گا??يون نه ڇڏيون ۽ ڪسٽم عملدارن ٽن گا??ين کي نيلامي ۾ 3019385 رپين جي قيمت تي وڪرو ڪيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي م??تسب سان رجوع ڪيو جنهن ايف بي آر کي نيلامي جي رقم ادا ڪرڻ ۽ گهٽ رقم جي ادائيگي جي سببن جو تعين ڪ??ڻ جو چيو. بعد ۾ شڪايت ڪندڙ فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي ته ڪسٽمز ڊپارٽمينٽ کي گا??ين جي نيلامي جي رقم جي ادائيگي م??وجه مارڪيٽ ريٽ تي ڪ??ڻ جو حڪم ڏنو وڃي. سموريون رسمي ڪارروايون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گا??ين کي غلط ٽرمينل تي لاٿو ويو، ڪسٽمز درآمد ڪندڙن کي بنا ڪنهن اطلاع جي گا??يون نيلام ڪري ڇڏيون، غيرمجاز ڪليئنرگ ايجنٽس کي ڪسٽمز ڊيوٽي واپس ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ درآمد ڪندڙن/ مالڪن کي وڏو مالي نقصان ٿيو. ٻڌڻي دوران ايف بي آر جي نمائندي مواصلات ۽ نظام ۾ رڪاوٽن جي ڪري م??املي ۾ ڪسٽمز اهلڪارن جي غلطي جو اعتراف ڪيو. ايف بي آر جي نمائندي ٻڌايو ته رقم وٺي گم ٿي ويندڙ ايجنٽس جا لائيسنس پڻ رد ڪيا ويا آهن. صدر چيو ته ڪسٽمز ڊپارٽمينٽ پاران درآمد ٿيل گا??ين جي غلط هينڊلنگ کان انڪار ناهي ڪيو ويو ۽ بدانتظامي ثابت ٿي وئي، عملدارن جي ڌيان نه ڏيڻ سان درآمد ڪندڙن/ مالڪن کي وڏي م??لي نقصان ۽ ذه??يت کي منهن ڏيڻو پيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مالي نقصان لاپرواهي، رابطي جي کوٽ ۽ ڪسٽمز جي قائم ڪيل ڪليئرنگ سسٽم کان انحراف جي ڪري ٿيو. صدر چيو ته شهري کي پنهنجي غلطي جي ڪري نه پر ڪسٽمز عملدارن جي غلطي سان نقصان ٿيو. صدر شهري جي اپيل منظور ڪندي چيو ته ايف بي آر گا??ين جي قيمت موجب رقم ادا ڪري.