اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو رڳو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي تجديد عزم جو ئي نه پر هڪ گهر کي خاندان، معاشري کي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال جهڙن رشتن سان مه??ب سماج بڻائيندڙ عورتن جي قربانين، خدمتن ۽ وفائن جي اعتراف جو پڻ ڏينهن آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن عورتن کي سلام پيش ڪندي چيو ته ??ر گهر ۾ ٻارڙين سان ??رابر سلوڪ سان ??ي ترقي ٿيندي. عورتن جي عالمي ڏينهن تي انهن والدين، استادن کي پڻ سلام جيڪي پنهنجي ڌيئرن ۾ فرق نه ٿا ڪن ۽ انهن جي زندگين ۾ ا??تي وڌڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ ٻارڙي جي تعليم جو مطلب نسلن جي ترقي آهي، هڪ صحتمند بااعتماد ڌيءَ سان ??ي هڪ صحتمند بااعتماد ۽ باوقار قوم وجود ۾ اچي ٿي.