اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻار جي صحت ج?? فروغ ۽ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ خانداني منصوباب??دي بابت معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ تي زور ڏي??دي چيو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافو قومي وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي رهيو آهي، عالم سڳورا، ميڊيا ۽ راءِ رکندڙ ماڻهو خانداني منصوباب??دي جي حمايت سان معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني سان ملاقات دوران ڳالهائي??دي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته وڌندڙ آبادي کي روڪڻ جي لاءِ خانداني منصوباب??دي اهم ذريعو آهي، عالم سڳورن ۽ ميڊيا کي خانداني منصوباب??دي بابت ماڻهن کي آگ??هي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سموريون ڌريون خانداني منصوباب??دي ۽ بهتر خانداني صحت کي شادي شده جوڙن جي بنيادي انساني حقن طور تي فروغ ڏيڻ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪن. صدر چيو ته خانداني منصوباب??دي جي مصنوعات ۽ خدمتن جي طلب پوري ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن عوام جي صحت ۽ غذائيت بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي موت ج?? شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماءُ جي صحت، توليدي صحت، ذهني ۽ جسماني ڪ??زوري ۽ غذائيت ج?? کوٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن خانداني منصوباب??دي ۽ بهتر صحت ج?? فروغ لاءِ صوبائي حڪومتن سميت سمورين ڌرين پاران موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني صدر کي پاڪستان ۾ خانداني منصوباب??دي جي خدمتن جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي ??ردار بابت آگ??هه ڪ??دي چيو ته آبادي فنڊ اهم ادارو آهي جنهن پاڪستان ۾ هيستائين ڪيل سموري ڊيموگرافڪ ۽ هيلٿ سروي کي مدد فراهم ڪئي آهي. ڊاڪٽر لوئي شباني چيو ته آبادي فنڊ اعليٰ معيار جي خانداني منصوباب??دي جي معلومات ۽ خدمتن جي تيز تر فراهمي ۽ پهچ جي لاءِ پاڪستان جي ڪ??ششن جي حمايت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو آبادي فنڊ گذريل 50 سالن کان پاڪستان کي فني ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي.