اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شمسي توانائي وقت جي اهم ضرورت آهي، معيشت جي بهتري ۽ ٻارڻ جي مد ۾ درآمدي بل ۾ گهٽتائي جي لاءِ شمسي توانائي جو فروغ لازمي آهي، شمسي توانائي تي منتقلي سان سر??ار?? ادارن جي بجلي جي بلن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ شمسي توانائي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي ??زي?? اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي ??زي?? سيد نويد قمر، توانائي واري وفاقي ??زي?? انجنيئر خرم دستگير، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد چيما، ??زي??اعظم جي خاص معاونين محمد جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ اعليٰ سر??ار?? آفيسرن شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته شمسي توانائي صاف ۽ سستي بجلي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي ۽ وقت جي اهم ضرورت آهي. ??زي??اعظم چيو ته معيشت جي بهتري ۽ ٻارڻ جي مد ۾ درآمدي بل ۾ گهٽٽائي جي لاءِ شمسي توانائي جو فروغ لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نجي سطح تي به شمسي توانائي جي استعمال کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ضروري قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ۾ مهانگي ٻارڻ جي جڳهه تي شمسي توانائي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان فريم ورڪ منظور ڪري چڪي آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي هن مهيني جي پڄاڻي تائين شمسي توانائي جي وڏي پراجيڪٽس جي ٽيرف جو تعين ڪري وٺندي جنهن کانپوءِ متبادل توانائي جي ترقي جي بورڊ پاران سيڙپ??ار?? کان ٻوليون طلب ڪيون وينديون. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شمسي توانائي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ٽي منصوبا غور هيٺ آهن جن ۾ 1200 ميگاواٽ جو منصوبو ليه ۾ جڏهن ته 600 ميگاواٽ جا منصوبا مظفر ڳڙهه ۽ تريمون ۾ لڳايا ويندا. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته ان حوالي سان آر ايف پي ۽ بڊنگ جو ڪم تيز تر ۽ ??فا?? بڻائڻ جي حوايل سان سمورا لاڳاپيل کاتا ضروري قدم کڻن. اجلاس کي ??زي??اعظم جي وفاقي حڪومت جي سڄي ملڪ ۾ موجود عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي ويزن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان ماهر ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ سمورن وفاقي ادارن جي لاءِ سينٽرلائيزڊ پروڪيورمنٽ کي اختيار ڪيو وڃي جيڪو موثر ۽ ??فا?? هجي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ شروعات اسلام آباد جي حدن ۾ وفاقي حڪومت جي عمارتن سان ڪئي وڃي ۽ بعد ۾ پوري ملڪ ۾ موجود سر??ار?? عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته گرمي جي موسم شروع ٿيڻ کان اڳ سر??ار?? عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي. ??زي??اعظم چيو ته شمسي توانائي تي منتقلي سان سر??ار?? ادارن جي بجلي جي بلن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي.