اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ پاڳل ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ افراتفري چاهي ٿو ته جيئن ملڪ ۾ مع??شي استحڪام نه اچي سگهي، عمران صاحب ”ايمپائر“ ته نيوٽرل هوندو آهي جنهن کي توهان جا??ور چئو ٿا، حالتون ملڪ جو نه عمران خان جون تمام خراب آهن ڇو ته سندس گهوڙيُون ٽٽي چڪيون آهن، توهان کي حيرت ان لاءِ آهي ڇو ته ادارا توهان جي گهٽيا سياست جو حصو نه بڻجي رهيا آهن. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نالائق نااهل توشه خانه ??ور عادت کان مجبور ادارن کي پنهنجي گهٽيا سياست ۾ گهلي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه جي ذميواري بڻجي ٿي ته فارن ايجنٽ ۽ توشه خانه جي ??ور کان حساب وٺي. هن چيو ته فوج ۽ عدليه کي عادت کان مجبور آواز نه ڏي. واپاري ۽ ڪاروباري برادري ۽ آبادگار ڄاڻين ٿا ته ملڪ توهان جي مع??شي تباهي جي ڀ??ور ۾ ڦاٿل آهي. عمران خان هڪ پاڳل شخص آهي جيڪو پوري پاڪستان کي به پاڳل سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خان ملڪ کي جنهن ڏيوالپڻي طرف وٺي وڃي رهيو هو، اسان ملڪ کي اتان واپس آڻي رهيا آهيون. عمران خان جي ذميواري رڳو ملڪ کي ڦريل پئسو، رشوت ۾ ورتل زمين، چوري ٿيل هيرا، توشه خانه جي ڦرلٽ ۽ فارن فنڊنگ جو جواب ڏي. عمران خان جي ذميواري آهي ته چار سالن جي مع??شي تباهي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ چوري جو جواب ڏي. هن چيو ته عمران خان روئي رڙيون ڪري يا پٽ?? هاڻي ادارا توهان جي سازشي منصوبابندي جو حصو نه بڻجندا.