اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي و??ير مولانا اسعد محمود برن سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پريس ريليز موجب مواصلات واري وفاقي و??ير مولانا اسعد محمود سوئٽزرلينڊ ۾ مقرر پاڪستاني سفير عامر شوڪت ۽ پاڪستاني ڪميونٽي سان گڏ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪاري ڏينهن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي و??ير مولانا اسعد محمود پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي اجاگر ڪنداسين، ڪشميرين تي ڀارت جيڪي ظلم ڪري رهيو آهي ان جو م??ال پوري دنيا ۾ نه ٿو ملي.