ڪراچي- 12 آ??ٽو??ر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران وزيراعظم ميان محمد شھباز ش??يف جي ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ في خاندان 25 ھزار روپي?? جي مالي سھائتا جو اعلان ڪيو ويو جنهن تحت ھيل تائين 26 لک 3 هزار ٻوڏ متاثرن ۾ في خاندان 25 ھزار روپي?? جي حساب سان سڄي ملڪ اندر متاثر خاندانن ۾ 65 ارب رپين کان وڌيڪ امدادي رقم ورهائجي چڪي آهي. بي آءِ ايس پي پاران ٻوڏ متاثر خاندانن کي في خاندان 25 هزار رپي?? جي مالي مدد ڏني وئي آهي اها رقم ٻوڏ متاثرن ۾ وزيراعظم ميان شھباز ش??يف جي پاڪستا?? جي فلڊ رليف ڪيش امداد تحت ورهائي پئي وڃي. سنڌ ۾ 18 لک خاندانن ۾ 45 ارب رپيا ورهايا ويا آهن.بلوچستا?? جي 2 لک کان وڌيڪ متاثر خاندانن کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ امدادي رقم ڏني وئي آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي 3لک متاثر خاندانن کي 7 ارب 40 لک رپيا ادا ڪيا ويا آهن ۽پنجاب ۾ 3 لک 20 هزار خاندانن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي. گلگت بلتستان ج?? 442 ٻوڏ متاثر خاندانن کي 1 ڪروڙ 10 لک رپيا ا??داد فراهم ڪئي وئي آهي.بينظير انڪم سپورٽ پروگرام امدادي رقم جي فنڊز جي ورهاست ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي رهيو آهي.