اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي ??ي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پ??را??ي موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزا يافته قيدي?? تي لاڳو نه هوندي. قت??، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين، زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهاري?? تي سزائن ۾ گهٽتائي جو فيصلو لاڳو نه هوندو. اهڙي طرح مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقص??ن پهچائيندڙ ڏوهارين جي سزائن ۾ به گهٽتائي نه ٿيندي. ايوان صدر جي پ??را??ي موجب 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي مرد قيدي جيڪي پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جُون قيدي عورتُون جي??ي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪيون آهن انه?? تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي سزا جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن انه?? تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.