اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ??تا?? ۽ برطانيا جي وچ ۾ مضبوط حصيداري تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر دي رائٽ آنرايبل اينجلاريز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر پاڪ??تا?? ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين ۾ سڀ ??ان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. وزيراعظم پاڪ??تا?? کي فراهم ڪئي ويندڙ 16.5 ملين پائونڊ جي انساني امداد تي برطانيا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. پاڪ??تا?? ۽ برطانيا جي پراڻي حصيداري تي زور ڏيندي وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪ??تا?? جي عزم کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 1.6 ملين پاڪ??تا??ين جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ واجد خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪ??تا??ي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۽ بحالي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. برطانيا جي وفد وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.