اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان آمريڪي وفد ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين جي ??اري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن لي وفد جي ??ڳواڻي ڪري رهي هئي، جڏهن ته ميمبرن ۾ ٽام سوزي ۽ آل گرين کان علاوه پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفي?? ڊونلڊ بلوم پڻ شامل هو. موسمياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق آمريڪي وفد کي ٻوڏ متاثر علائقن م امدادي سرگرمين سميت متاثرن جي ??حالي لاءِ گهربل امداد جي ??اري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير وفد کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ جا ڏاکڻا علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهن. هن چيو ته پاڻي سبب پيدا ٿيل بيمارين جي ڪري اسان هيلٿ ايمرجنسي طرف وڃي رهيا آهيون، ٻوڏ سبب اڀرندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري امداد جي ??رورت آهي. ان موقعي تي آمريڪي وفد ٻوڏ ۽ برساتن سبب قيمتي جانين جي ??ايع ??يڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفد سانوڻي جي ??باهڪارين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکي وقت ۾ پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪرڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو.