سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت پسند اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ اڄ ملهائي ويندي، جڏهن ته سندس پهرين ورسي جي موقعي تي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پوس??ر هنيا ويا آهن جن ۾ ماڻهن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي پهرين سي??ٽمبر خميس ڏينهن بزرگ حريت ا??واڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ مڪمل هڙتال ڪن ۽ حيدر پوره طرف مارچ ڪن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني گذريل سال پهرين سي??ٽم??ر تي ڀارتي پوليس جي حراست ۾ حيدر پوره سرينگر ۾ پنهنجي رهائش تي لاڏاڻو ڪري ويو هو جتي کيس هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين مسلسل نظربند رکيو ويو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس اڳ ۾ ئي پهرين سي??ٽم??ر تي مڪمل هڙتال ۽ حيدر پوره طرف مارچ جي ڪال ڏئي رکي آهي.