اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي ??اءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هرٽفورڊ شائر يونيورسٽي برطانيا جي ??ائيس چانسلر پروفيسر ڪوئنٽن ميڪ ڪيلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ترجيح آ??ي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ جدت ۽ نوجوان نسل کي آءِ ٽي سروسز جي تربيت حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي آءِ ٽي اسڪلز حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي ??اءِ ليپ ٽاپ جي ??راهمي جو پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ??اءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آ??ي. وزيراعظم چيو ته برطانيا پاڪستان جي ??چ ۾ تعليم جي ??يدان ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن.