اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڌرين جي گڏيل مشاورت کانپوءِ آزاداڻي معاهدي تي جلد صحيحون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاهدي سان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ بهتر ۽ تيز رفتار تعاون جو باضابطا فريم ورڪ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سوئيٽزرلينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير بينيڊڪٽ ڊي سرجٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته عالمي برادري ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فو??يا ۽ شدت پسندي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، عالمي برادري ڀارت ۾ اقليتن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ اسلامو فو??يا سان واڳيل تشدد جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي. صدر چيو ته دنيا جي ڪنهن به حصي مان ايندڙ پن??هگ??رن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، پن??هگ??رن کي رنگ، نسل، مذهب يا علائقي جي فرق کانسواءِ سهولتون ۽ پناهه ڏيڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري تڪرارن جو شڪار ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڇڪتاڻ جو شڪار ملڪن ۾ امن جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي آبادي کي پن??هگ??ر بڻجڻ کان روڪي سگهجي. صدر چيو ته پن??هگ??رن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻڻ سان ميزبان ملڪن تي بار گهٽ پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ س??ئيٽزرلينڊ جي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عهدو ڇڏيندڙ سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ س??احت بابت تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪندو، پاڪستان معيشت ۽ واپار ۾ س??ئيٽزرلينڊ سان ڊگهي مدي واري حصيداري کي قدر جي ??گا??ه سان ڏسي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ س??ئيٽزرلينڊ جي ڪردار کي ساراهي ٿو. هن سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستان جي سافٽ اميج کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سوئيٽزرلينڊ پاڪستان ۾ فوڊ پروسيسنگ، فارماسيوٽيڪل، ڪيميڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڇهون وڏو سيڙپڪار آهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي پاڪستان ۾ ڪامياب مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.