گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ُهاڻن جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي شهرين کي آسا?? شرطن تي سولر پينل فراهم ڪنداسين، بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ به آساني پيدا ڪئي ويندي، غ??رق??نوني ٽرالنگ جي خلاف سخت ايڪشن کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مُهاڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??ُهاڻن جي ترقي اولين ترجيح آهي، مُهاڻن جي خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته ??ر گهر ۾ بجلي جي فراهمي ضروري آهي، گوادر ۾ مُهاڻن جي لاءِ چين 3200 سولر پينل فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته سولر پينل بئنڪن ذريعي آسا?? شرطن تي مُهاڻن کي فراهم ڪيا ويندا، مُهاڻن جيترو بجلي جو ب?? ادا ڪري ٿو ان کان گهٽ سولر پينل جي قسط ادا ڪري بجلي جي سهولت مان فائدو کڻندو، جڏهن سولر پينل جي قيمت مڪم?? ادا ٿي ويندي ته ??ُهاڻن کي مفت بجلي ملندي. هن چيو ته ??ختلف جاين تي سولر پارڪس قائم ڪيا ويندا جنهن جي ڪري ماهگيرن کي نيشنل گرڊ بدران سڌوسنئون بجلي ملندي. هن چيو ته ??اهيگيرن کي مرحليوار ٻيڙين جون انجڻيون فراهم ڪيون وينديون، پهرين مرحلي ۾ 2 هزار ماهيگيرن کي شف??ف طريقي سان ڪُڻن ذريعي انجڻيون فراهم ڪيو وينديون، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ انتظاميا جي تعاون سان اهي انجڻيون جلد فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته غ??رق??نوني ٽرالنگ روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته ??و جون جي آخر ۾ ٻيهر گوادر جو دورو ڪندو ۽ ماهيگيرن جا مسئلا انهن جي زباني تفصيل سان ٻڌندو، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.