اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ پائيدار طرز زندگي اخت??ار ڪرڻ، قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ضرورت آهي، زمين کي بچائڻ لاءِ زرخيز مٽيءَ جي حفاظت يقيني بڻائڻ، عالمي سطح تي تبديلي آڻڻ جي لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري بيان ۾ صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلين سان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام کي سخت چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان تيزي سان پگھڙجندڙ گليشيئرز، غيرمتوقع برساتن ۽ سوڪهڙي کان متاثر ٿيو آهي، نوجوانن کي م??حولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بهتر مستقبل جي لاءِ ماحول دوست طرز زندگي اخت??ار ڪرڻي پوندي، مون کي فخر آهي ته ايوان صدر آءِ ايس او کان تصديق ٿيل دنيا جي م??حول دوست صدارتي آفيسن ۾ پهرين پوزيشن تي آهي. صدر عارف علوي چيو ته ايوان صدر هڪ ميگاواٽ جي سولر پاور منصوبي سان نه رڳو پنهنجي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو پر قومي گ??ڊ ۾ به بجلي ڏي ٿو. هن چيو ته سمورن ادارن کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي گ??ين پريزيڊنسي منصوبي م??ن سکن، توانائي جي بچت ڪن ته جيئن موثر انداز ۾ عوام جي خدمت ڪري سگهجي.