اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب معيشت جي تباهي، ڊالر جي تاريخي بلندي جو جوابدار عم??ان خان کي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي ڳنڀير ??سئلن جي ڌٻڻ ۾ عم??ان خان ڌڪيو، اڄ ڊالر جي قدر ۾ اضافي جي ذميداري عم??ان خان تي آهي، ڊالر 193 روپين تي عم??ان خان جي ڪري ويو، آءِ ايم ايف معاهدي تي عم??ان خان صحيحون ڪيون جنهن جي سزا عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ ملي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ چار سال نالائقن، نااهلن، ڪارٽلز ۽ عم??ان مافيا جي حڪومت جي ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي وئي، اڄ ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام عم??ان خان جي ڪري آهي، پيٽرول جي مد ۾ عم??ان خان پنهنجي ناڪام سياست کي بچائڻ ل??ءِ ناقابل تلافي نقصان ڪيو جيڪو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ مشڪل فيصلا ڪيا پيا وڃن ته ان جو ذميدار عم??ان خان آهي، پنهنجي عوام دشمن معاشي ڏوهن کي لڪائڻ ل??ءِ عم??ان خان ڪنٽينر تي چڙهيل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان خان صاحب سياسي مقصدن لاءِ ملڪ جي معيشت ۽ عوام کي داءُ تي لڳائڻ غداري هوندو آهي، توهان عوام کي مهانگائي ڏني، هاڻي سڀني کان وڌيڪ پاڻ مهانگائي جو شور مچائي رهيو آهي، هن چيو ته عم??ان خان شور نه مچايو، مهانگائي جو جواب ۽ معاشي تباهي جو حساب ڏيو.