اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته اي??ان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو سندس اولين ترجيح آهي، اسپيڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي، اسان کي هڪ اهڙو سياسي معاشرو قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي مڪالمي کي فروغ ڏنو وڃي، نفرت کي نه، سمورن ادارن کي پنهنجي دائري اختيار ۾ رهندي هڪ ٻئي جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته هو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي باوقار عهدي تي فائز ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهي، ان عهدي تي بنا ??قابلي چونڊجڻ تي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قائد اي??ان ميان محمد شهباز شريف ۽ ٻين سمورن پارلياماني اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا دل سان ٿورا مڃان ٿو، وطن عزيز پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي جي سال ۾ بطور اسپيڪر منهنجي چونڊ منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي. هن چيو ته هن معزز اي??ان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو منهنجي اولين ترجيح آهي، اسپيڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي ۽ بطور ڪسٽوڊين آف هائوس ميمبرن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اولين ذميوارين ۾ شامل آهي. جنهن منصب جي لاءِ هن معزز اي??ان منهنجي بنا ??قابلي چونڊ ڪئي آهي ان منصب ت?? سڀ کان اڳ قائداعظم محمد علي جناح کي بنا ??قابلي پنهنجو پهريون سربراهه چونڊيو هو، هي اي??ان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪسٽوڊين آف هائوس طور چونڊ ڪري چڪو آهي، قائداعظم جو خطاب جتي پاڪستان جو پهريون سرڪاري ۽ قومي آئيني بيانيو آهي، اتي رياستي ڍانچي ۾ مقننه جي مرڪزي ڪردار تي پڻ م??ر هڻي ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه آهي ته بطور اسپيڪر منهنجي پهرين ذميواري هن اي??ان جي خودمختياري ۽ ان کي مليل اختيارن جو تحفظ هوندو. منهنجي ناقص راءِ ۾ آئين تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن ملڪ ۽ عوام کي درپيش اهم مسئلن جو فيصلو هن اي??ان ۾ ٿيندو. پاڪستان جي آئين جي شق 91 جي ذيلي شق 6 جي حقيقي روح کي سامهون رکندي سموري وفاقي ڪابينا رڳو هن معزز اي??ان کي جوابده هجي ڪنهن فرد واحد کي نه هجي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته جڏهن حڪومت وقت عوام جي انهن چونڊل نمائندن جي راءِ کي مٿانهون ڄاڻي ۽ پنهنجون پاليسيون پوري ديانتداري سان هن هائوس ۽ ان سان واڳيل ڪميٽين آڏو رکي.