اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور منصوبو پهرين سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ ۽ منصوبي ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جو دورو ڪن??ي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي منصوبي تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف ترقيايت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪن??ي انهن کي وقت سر ۽ جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هداي ڪئي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته قومي وسيلن جي ??يان ۽ ترقياتي منصوبن ۾ دير کي برداشت نه ڪيو ويندو. پراجيڪٽ انتظاميا پاران بريفنگ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته راول چوڪ فلائي اوور منصوبي ۾ بنا سبب جي ??ير ڪئي وئي ته جيئ?? ان جي لاڳت کي وڌائي سگهجي ??ڏهن ته وفاقي گادي واري شهر ۾ ٻين منصوبن جا ٺيڪا ايف ڊبليو او ۽ اين ايل سي کي ڏنا ويا آهن ته جيئ?? انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان جڏهن به اسلام آباد آيس ته ترقياتي منصوبن جي ??ستي کي ڏسي افسوس ٿيو. ان حوالي سان لاڳاپيل عملدارن کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته غريب قوم جي پئسي جي ??يان کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ذميواري جي ??حساس کي يقيني بڻايو وڃي، ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻائي منصوبن جي ??فافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ??عايت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي هدايت ڪن??ي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي ??نڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن دير جا سبب معلوم ڪري سگهجن ۽ ذميوارن کي سزا ڏئي سگهجي. وزيراعظم منصوبي جي ??ير تي افسوس جو اظهار ڪن??ي چيو ته هڪ ننڍو منصوبو به ٻن سالن ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو جڏه?? ان عرصي ۾ ته ميگا پراجيڪٽ مڪمل ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف منصوبي جي لينڊ اسڪيپنگ بابت پڻ پڇيو ۽ چيو ته ان جي لينڊ اسڪيپنگ کي به يقيني بڻايو وڃي. هن منصوبي کي پهرين سيپٽمبر 2022ع تائين لازمي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته منصوبي جي ڪوالٽي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. و??ضح رهي ته راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جي ??روعات آڪٽوبر 2020ع تيي ٿي هئي ۽ ان کي ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. منصوبي جي ??ير جي ??ببن کي ختم ڪن??ي ان کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف ترقياتي منصوبن جي ??ير کي برداشت ناهي ڪن??و ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن منصوبي جي ??ير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. منصوبي تي 48 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي.