??سل??م آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي، ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، اميد آهي ته ??دا??ت سڳوري اسان جي پارليامينٽ کي وکرجڻ ک??ن بچائيندي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان اليڪشن کان ڀڄي ناهيون رهيا، سڀني جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن. ??دا??ت سڳوري اسپيڪر جي رولنگ تي فوڪس رکيو آهي، اميد آهي ته ??دا??ت سڳوري اسان پارليامان کي وکرجڻ ک??ن بچائيندي. ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مصدق ملڪ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يقين آهي ته ??دا??ت سڳوري آئين جو ڳاٽ اونچو ڪندي.