اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي پا??ستاني عوام جي لاءِ خدمتن خاص طور تي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوشش?? جي اعتراف ۾ هلال پا??ستان ايوارڊ سان نوازيو. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن سميت وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پا??ستان ۾ پوليو جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ مختلف طريقن سا?? مالياتي نظام ۾ تعاون فراهم ڪري رهي آهي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جو شريڪ چيئرمين بل گيٽس وزيراعظم عمران خا?? جي دعوت تي پا??ستان جو دورو ڪري رهيو آهي.