اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاشسٽ ??ندو توا ڀارت جو اصل چهرو هاڻي دنيا جي س??مه??ن اڀري اچي رهيو آهي، ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو. ڀارت ۾ مڌر ٽريسا جي خيراتي اداري جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ جي خبر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فاشسٽ ??ندو توا ڀارت جو اصل چهرو هاڻي دنيا جي س??مه??ن اڀري اچي رهيو آهي، قانون هٿ ۾ کڻي مشتعل هندو گروپن ڪيترن ئي ڀارتي علائقن ۾ ڪ??سمس تقريبن ۾ خلل وڌو، انتهاپسندن سانتا ڪلاز جو پتلو ساڙيو، ڪرسمس تقريبن ۽ مذهب مٽائڻ جي خلاف نعرا هنيا، هن چيو ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو.