اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي 100 هين سالگرهه ۽ چيني عوام جي غربت جي خاتمي لاءِ بي مثال ڪاميابين تي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيرا??ظم ڪميونسٽ پارٽي جي سئو سال ۾ چين کي غربت مان ڪڍڻ، چار ڏهاڪن ۾ سڌارن ۽ ??رق?? تي به مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن سفارتي لاڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي هڪٻئي کي مبارڪباد به ڏني. ان موقعي تي عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ چين جي قدمن ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ چين جي امداد ۽ پاڪستان کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين فراهم ڪرڻ ۾ تعاون کي ساراهيو، ڪورونا وائرس جي وبا جي عالمي معيشت تي منفي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي اڳواڻن معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ، چين پاڪستان آزاداڻي واپار جي ٻي مرحلي مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، وزيرا??ظم سي پيڪ جي منصوبن جي ڪاميابي، وقت سر ۽ اعليٰ معيار موجب عملدرآمد کي ساراهيو ۽ سي پيڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته ايم ايل ون ريلوي منصوبي جي فوري آغاز سان پاڪستان جي قومي ۽ علائقائي ??رق?? جي جيو ??ڪن??مڪس ويزن لاءِ اهم اڳڀرائي ٿيندي، وزيرا??ظم ماحولياتي تبديلين جي خاتمي لاءِ چين جي قائداڻي ڪردار کي به ساراهيو. وزيرا??ظم ماحولياتي تبديلين جي روڪٿام لاءِ پاڪستان جي بلين ٽري سونامي منصوبي سميت ٻين قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ۽ سي پيڪ گرين ڊولپمينٽ کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽيو جي اعليٰ معيار موجب فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي اڳواڻن افعانستان جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هو افغان عوام کي فوري انساني ۽ معاشي امداد فراهم ڪري ته جيئن انهن جون مشڪلاتون گهٽ ۽ عدم استحڪام ۽ گڏيل جنگ جي روڪٿام ٿي سگهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ تعاون ڪيو وڃي. وزيرا??ظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم ان موقعي تي چين جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي پنهنجي دعوت جي تجديد به ڪئي.