اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ا??ران سرحد ”امن ۽ دوستي“ جي سرحد آهي، سرحد تي سيڪيورٽي ۾ اضافي، سرحدي مارڪيٽس قائم ڪرڻ سان علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان سان ا??ران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري ڪالهه اربع ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ا??ران جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري جو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل لاڳاپن جي فر??غ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس جي موقعي تي دوشنبي ۾ ايراني صدر رئيسي سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل تعاون جي فر??غ جو محرڪ ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان ٻطرفي واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ معاشي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جو فر??غ پڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ا??ران سرحد ”امن ۽ دوستي“ جي سرحد آهي. هن سرحد جي ٻنهي طرفن سيڪيورٽي ۾ اضافي جي لاءِ کنيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ انهن مارڪيٽن ۾ ڪاروبار جي شروعات علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪ ايران سرحد تي ٻه وڌيڪ سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس کوليون ويون آهن جنهن سان سرحد جي ٻنهي طرفن اچ وڃ جي سهولت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ايران جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايران جي سپريم ليڊر جي ان حوالي سان موقف کي ڪشميري پنهنجي خودمختياري جي حق جي جائز جدوجهد جي لاءِ هڪ مضبوط سپورٽ سمجهن ٿا. وزيراعظم عمران خان ا??ران جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان ضرورت تي زور ڏنو ته افغانستان جو پاڙيسري هجڻ جي ڪري افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام س??ن پاڪستان ۽ ايران سڌوسنئون متاثر ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ا??غانستان کي هڪ پرامن ۽ مستحڪم ملڪ ڏسڻ چاهي ٿو جنهن جي معيشت ??ائ??دار هجي ۽ افغانستان رابطن جي فر??غ ۾ مددگار ثابت ٿئي. وزيراعظم عمران خان عاليم برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان مثبت اميدون رکندي انساني بنيادن تي فوري طور تي امداد فراهم ڪري ۽ افغانستان کي معاشي ڏيوالپڻي کان محفوظ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن ا??غانستان جي مالي اثاثن کي غيرم??جم??د ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن جنهن سان سخت سرديءَ جي موسم جي اچڻ کان اڳ ان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ افغان عوام جي مدد ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان ا??غانستان ۾ قومي مصالحت ۽ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته گذريل مهيني افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن تي ٻڌل قائم ڪيل پليٽ فارم تي پاڪستان ۽ ايران جي ويجهي حصيداري ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان ا??راني صدر رئيسي جي لاءِ مبارڪباد جو پيغام پڻ ڏنو ۽ ان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي پڻ ورجايو.