لاهور – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ خاندان آهي، هر خاندان ۾ غلط فهمي ٿيندي رهندي آهي، عمران خان جي قيادت ۾ اسان سڀ متحد آهيون، مخالف ڌر کي غلط فهمي ٿي وڃي ٿي ته تحريڪ انصاف ۾ اختلاف پيدا ٿي ويو، اميد آهي هاڻي مخالف ڌر جون جهمريون ختم ٿي وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ نعمان ل??گڙيال جي مانجهاندي ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهانگير ترين ۽ سندس ساٿين جو موقف تفصيل سان ٻڌو، نعمان ل??گڙيال سان ويجها لاڳاپا ??هن?? اسان جي وچ ۾ رابطن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. پارٽي ۾ ??سئ??ا ڳالهه ٻولهه سان حل ٿيندا ??هن?? ڪجهه ??سئ??ن تي ڳالهه ٻولهه ۾ رڪاوٽ به اچي وڃي ٿي پر وڏن معاملن تي اهي سڀ ماڻهو بلڪل واضح آهن ته تحريڪ انصاف اسان جي پارٽي آهي ۽ ان تي ڪنهن قسم جي ٻي راءِ نه آهي. هن چيو ته جهانگير ترين جي معاملي تي اڳ ۾ به اسان واضح موقف رکيو آهي، تحريڪ انصاف جي اندر نه ته جهانگير ترين کي اميد آهي ته عمران خان ان جي لاءِ ڪا غيرقانوني سفارش ڪندو ۽ نه ئي عمران خان جو اهو مزاج آهي.