اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ترجيحي شعبن جي هفتيوار جائزي جي سلسلي ۾ زراعت جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن ??رڪ?? ڪئي، ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي ??رڪ?? ڪئي، اجلاس ۾ وز??راعظم کي پائيدار ترقي واري پاليسي انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ٺاهيل فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بو??ڊ تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ڊيش بورڊ کي فني طور تي مڪمل ڪري فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي حوالي ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته ڊيش بورڊ جي مدد سان فيصلا سازي ??اء?? گهربل ڊيٽا کي حاصل ڪرڻ کي صوبن جي مدد سان يقيني بڻايو پيو وڃي، ان جي ??اء?? صوبن جي لاڳاپيل کاتن جي صلاحيت وڌائي پئي وڃي، اهو به ٻڌايو ويو ته ڊيٽا حاصل ڪرڻ نجي ۽ سرڪاري ذريعن کان يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڊيش بورڊ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ کانسواءِ گهٽ مدي واري جنسن جهڙوڪ ڀاڄين جي کپت ۽ دستيابي جي نگراني به ڪئي ويندي.