اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪا??ينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي پاڪستان اسٽيل ملز جي نئين ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪا??ينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير عبدالحف??ظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداواي واري وفاقي وزير حماد اظهر، ميري ٽائيم افيئرز جي وزير علي حيدر زيدي ۽ نجڪاري وارو وزير محمد ميان سومرو، توانائي وارو وزير عمر ايوب خان، پيٽروليم وارو خاص مددگار نديم بابر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق ??ائود، بجلي بابت خاص معاون تابش گوهر، ناڻي واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.