اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته پي ڊي ايم پ??هن??ي جلسن ج?? تسلسل تي اصرار ذريعي عوام ۽ انهن ج?? معاش ڄاڻي واڻي خطري ۾ وجهي رهي آهي، هي لکين ج??سا ڪري وٺن پر انهن کي ڪو اين آر او نه ملندو. پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبا جي ٻي له?? جا انگ اکر ڳڻتي جوڳا آهن. گذريل 15 ڏينهن وينٽيليٽرز جي محتاج مريضن ج?? انگ پشاور 200 سيڪڙو، ملتان 200 سيڪڙو، ڪراچي 148 سيڪڙو، لا??ور 114 سيڪڙو ۽ اسلام آباد 65 سيڪڙو وڌي ويو آهي. اسلام آباد ۽ ملتان جا 70 سيڪڙو وينٽيليٽرز استعمال هيٺ آهن. هن چيو ته هن وقت پوري دنيا ٻي له?? جي وڪڙ ۾ آهي ۽ ڪيترائي ملڪ مڪمل طور تي بندشون (لاڪ ڊائون) لاڳو ڪري چڪا آهن.