اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت جو والاريل ڪشمير جو گهيراءُ ختم ڪرائي، ڀارتي فوج کي ??الاريل واديءَ مان ڪڍڻ، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي پابندي جي خاتمي لاءِ پن??نجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت سياسي قي??ين کي آزاد ڪري ۽ ڪشميرين جي جان ڇڏي، پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، مون کي ??ڪو يقين آهي ته ڪشميرين جون قربانيون رنگ لائينديون، اه?? ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين جي آزادي جو سج اڀرندو، ڀارت سدائين ڳالهين کان انڪار ڪيو آهي، پاڪستان سدائين امن جي راهه اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته اڄ اه?? ڏينهن آهي، استحصال جو ڏهاڙو ملهائن جو مقصد ڪشمير جي حوالي سان اسان جي بيانيي کي عالمي دنيا تائين پهچائڻ آهي ۽ دنيا کي اه?? پيغام ڏيڻو آهي ته ڪشمير تڪرار تي اسان سڀ متحد آهيون. ??ن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي خطرناڪ قدم کنيو، ڪشمير کي جيل خانو بڻايو ويو، ڪشميرين تي ظلم ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. ??ن چيو ته رياستي دهشتگردي جي ذريعي ڪشميرين تي انسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃن، اسان ڪشميري ڀائرن جي پرامن جدوجهد ۽ انهن تي ظلم کي ??ر فورم تي اجاگر ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح اجاگر ڪندا رهنداسين. ??ن چيو ته علامه اقبال پن??نجي شاعري ذريعي ڪشميرين جي خراب حالت بيان ڪئي هئي جڏهن ته هاڻي ان ظلم ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي، ڪشميري مظلوم، محڪوم ۽ مجبور بڻجي رهجي ويا آهن.