اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب صوبي ۾ معياري صحت جي سهولتن ۽ اسپتالن ??ي تعمير سان گڏوگڏ موجوده اسپتالن ??ي بهتر انتظام ۽ انهن ۾ سهولتن جي فراهمي تي خ??ص ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي هدايت ??ئي آهي ته اسپتالن ۽ خاص طور تي نئين قائم ڪيل صحت جي مرڪزن جي انتظام کي جديد بنيادن تي ۽ منظم طريقي سان هلائڻ تي خ??ص ڌيان ڏنو وڃي، ان سلسلي ۾ نجي شعبي جي حصيداري جي حوصلا افزائي ??ئي وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعبي جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعبي جي بهتري ۽ اپ گريڊيشن خاص طور تي وفاق جي مدد سان صحت جي مختلف منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن جي عوام جي لاءِ ثمرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني و??ي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحت جي معياري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان گوجرانوالا، لاهور، بهاولنگر، ليه، راجن پور، اٽڪ، ميانوالي، چڪوال جهڙ شهرن ۾ مختلف اسپتالن ۽ صحت جي جديد مرڪزن خاص طور تي ماءُ ٻار جي اسپتالن ۽ نرسنگ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي جن جي ڪل لاڳت 80 کان 90 ارب رپيا آهي. هلندڙ سال انهن تي اٽڪل 17 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت جو تعاون گهربل آهي. وزيراعظم اجلاس کي خ??اب ڪندي چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ صحت جي معياري سهولتن جي دستيابي خ??ص طور تي پنجاب جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ دستيابي کي نظرانداز ڪيو ويندو رهيو. هن چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت صحت جي مرڪزن تي خ??ص ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته ان شعبي ۾ سهولتون ناڪافي آهن.