اسلام آباد – 30 مئي (اي ??ي ??ي) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي س?? سي) جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو. اي س?? سي اسلامڪ سڪوڪ ذريعي پاور سيڪٽر جي لاءِ حاصل ٿيندڙ 200 ارب رپين جي ورڇ جي حڪمت عملي تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ۽ ان جي منظوري پڻ ڏني. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته بشمول جي ايس ٽي بجلي جي قيمت ادا ڪئي ويندي ته جيئن ايندڙ ٽن مهينن (جون، ج??لا??ِ ۽ آگسٽ 2020ع) ۾ گرمي جي س??زن ۾ بجلي جي وڌ کان وڌ پيداوار حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي جنهن سان ايندڙ ٽن مهينن جي لاءِ بجلي جي پيداوار حاصل ڪرڻ جي منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ ۾ مدد ملندي.