اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 10 هون قومي مالياتي ڪ??يشن (اين ايف سي) ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت ۾ قائم اين ايف س?? سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪ??ل نوٽيفڪيشن موجب صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل (1) 160 تحت 23 اپريل 2020ع کان 10 هون قومي مالياتي ڪ??يشن ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ اين ايف سي ايوارڊ جو چيئرمين هوندو، سنڌ جو ناڻي وارو وزير، پنجاب جو ناڻي وارو وزير، بلوچستان جو ناڻي وارو وزير، خيبرپختونخواهه ??و ناڻي وارو وزير ڪميشن جا ميمبر هوندا، ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار، طارق باجوه (پنجاب)، ڊاڪٽر اسد سعيد (سنڌ حڪ??مت)، مشرف رسول (خيبرپختونخواهه حڪ??مت)، جاو??د جبار (بلوچستان حڪ??مت) شامل آهن، ناڻي وارو وفاق?? سيڪريٽري اين ايف سي جو سرڪاري ماهر (آفيشل ايڪسپرٽ) هوندو.