اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي واري خاص معاون ڊاڪٽر مع??د يوسف چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي صوبن سان م??اورت کانپوءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سيلف ڪورنٽين پاليسي لاڳو ڪئي پئي وڃي، اها پاليسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هڪ هفتي ۾ ٻاهرئين ملڪن ۾ ڦاٿل 14 هزار تائين پاڪستانين کي واپس آڻي سگهبو، ايندڙ هف??ي نار ملڪن، آمريڪا، ملائيشيا، بنگلاديش، عراق ۽ چين م??ن 32 اڏامن ذريعي 7500 پاڪستانين کي واپس آندو ويندو. هو ٻاهرئين ملڪن م??ن پاڪستانين کي واپس آڻڻ جي حوالي سان تازي صورتحال بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.