اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته متحده عرب امار??ت سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت سمورن شعبن ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر متحده عرب امارات جي وزير شيخ نيهان بن مبارڪ النيهان سان ڳالهائيندي ??يو جنهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.