ڪراچي – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ترقياتي منصوبن ۾ پرائيويٽ سيڪٽر کي حصيدار بڻائڻ چاهي ٿي ته جيئن ترقي ۽ عوامي ڀلائي جو عمل گڏگڏ هلي، غربت ۾ گهٽتائي ۽ روزگار جا موقعا انهي وقت وڌي سگهن ٿا جڏهن سيڙپڪار حڪومت سان هٿ ۾ ه?? ملائي هلن، حڪومت ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي پورو ڌيان ڏئي رهي آهي، معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ معاشي انگ اکر بهتري طرف و??ي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن م??هور ڪاروباري شخصيتن ۽ واپاري برادري جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.