اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) ينگ پارليامينٽريز فورم جي چونڊ پارليامينٽ هائوس ۾ ڊپٽي اسپيڪر ??ومي اسيمبلي قائم خان سوري جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، چونڊ عمل صبح 11 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهيو، اي?? اي?? اي مخدوم زين حسين قريشي، رومينه خورشيد عالم، سيد مرتضيٰ محمود، سيده نوشين افتخار واءِ پي اي?? بورڊ جا ترتيبوار بنا مقابلي صدر، نائب صدر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي چونڊجي ويا. اي?? اي?? اي ڪنول شوزب ۽ عظميٰ رياض واءِ پي اي?? بورڊ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي، جڏهن ته اي?? اي?? اي شاندانه گلزار خان ۽ اي?? اي?? اي تاشقين صفدر ميڊيا ڪوآرڊينيٽر جي عهدي لاءِ آمهون سامهون هيون، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ??اسم خان سوري چونڊ نتيجن جو اعلان ڪيو جنهن موجب اي?? اي?? اي ڪنول شوزب 62 ووٽ کڻي واءِ پي اي?? بورڊ جي جنرل سيڪريٽري چونڊجي وئي ۽ سندس مقابلي ۾ عظميٰ رياض 30 ووٽ حاصل ڪيا، اي?? اي?? اي تاشقين صفدر 54 ووٽ کڻي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر چونڊجي وئي ۽ سندس مقابلي ۾ شاندانه گلزار خان 38 ووٽ حاصل ڪيا، اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ??اسم خان سوري واءِ پي اي?? بورڊ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته واءِ پي اي?? بورڊ جي نون چونڊيل عهديدارن جي چونڊ عهديدارن تي ميمبرن جي اعتماد جو ثبوت آهي، هنن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار ينگ پارليامينٽرينز فورم کي وڌيڪ متحرڪ ۽ فعال بڻائيندا، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ??ون چونڊيل عهديدارن کي انهن جي ذميدارين جي سرانجامي لاءِ پنهنجي ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر ??اءِ پي اي?? بورڊ جي ارادن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته هي فورم 2003ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ 2013ع ۾ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي، هن چيو ته کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته هي فورم 2003ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ 2013ع ۾ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي، هن چيو ته YPF بڻائڻ جو مقصد ينگ پارليامينٽرين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي سان انجام ڏئي سگهن، هن چيو ته YPF جي اليڪشن هر ٻن سالن کانپوءِ منعقد ڪئي ويندي آهي ۽ موجوده اسيمبلي جي دور ۾ اهو ٻيو اليڪشن آهي جيڪو اڄ منعقد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته چونڊن ۾ سمورين پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن ۽ سينيٽرن حصو ورتو ۽ اجلاس نه هجڻ جي باوجود 92 ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو ورتو.