اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال ڳالهين سان ڌرڻ?? ختم ڪرائڻ جي آخري ڪوشش جي لاءِ انتظاميا کي آپريشن 24 ڪل??ڪن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته مذهبي اڳواڻن کي اپيل ڪئي آهي ته شهرين جي سهولت ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، تحفظ ختم نبوت صه قانون پاس ٿيڻ پارليامينٽ ج?? تاريخي ڪارنامو آهي، قيامت تائين ڪير به ان ۾ تبديلي نه ٿو آڻي سگهندو ان لاءِ هاڻي ڌرڻي جو ڪو جواز ناهي رهيو.