اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اردن جي هٿياربند فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيف آف ??سٽاف ميجر جنرل يوسف الحنيطي کي سندس خدمتن جي عيوض پاڪستان جي اعليٰ فوجي اعزاز هلال ام??ياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب ٿي.