اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ براڊ شيٽ جي معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو، پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز 2013ع تحت علي مهدي جي پاڪستان ڊيولپمينٽ فنڊ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرري، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي انتظام هي?? سمورن درجن جي نوڪرين تي پاڪستان ايسينشنل سروسز (مينٽيننس) ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ ۾ 6 مهينن تائين جي و??ڌ، پاور ڊويزن تحت جوڙيل ڪور ڪميٽي جي ميمبرن کي رينٽل پاور پراجيڪٽ ۾ جاچ جي روشني ۾ ملڪ کي وڏي مالي نقصان کان بچائڻ جي حوالي سان خدمتن تي مالي ايوارڊ ڏيڻ، سامونڊي معاملن اري و??ارت تحت ڪراچي ڊوڪ ليبر بورڊ جي ميمبرن جي نامزدگي، نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ، نيشنل هي??ٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري و??ارت کي صحت سهولت پروگرام جي ڊيٽا تصديق جي ڏس ۾ نادرا سان سڌوسنئون 5 سالا معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏني و??ي آهي. منصوبابندي و??ري و??ير ڪابينا کي ڳڻپ واري وفاقي اداري پاران تازو ئي ڪيل سروي جي بنياد تي ڪورونا وبا جي اثرن جي نتيجن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اپريل ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني تقريبن ختم ٿي چڪي هئي. حڪومت جي دانشمنداڻي حڪمت عملي، مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارت لاڪ ڊائون جي پاليسي ۽ اڏاوتن ۽ مينوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ فيصلاسازي جي ڪري 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني بحال ٿي. منصوبابندي و??ري و??ير وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم جي وقت سر فيصلي جي ڪري ڪجهه مهينن جي عرصي ۾ اٽڪل 95 سي??ڙو ماڻهو جن جو روزگار ختم ٿي چڪو هو، بحال ٿيو. بعد ۾ ٽرانسپورٽ جو شعبو به کوليو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون دوران اٽڪل 80 سي??ڙو ماڻهن جو روزگار ڪنسٽرڪشن، 72 سي??ڙو جو مينوفيڪچرنگ جڏهن ته 67 سي??ڙو ماڻهن جو روزگار ٽرانسپورٽ جي شعبن سان واڳيل هو.