سيالڪوٽ – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت صنعتي سرگرمين جي فروغ، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، ڪاروبا??ي برادري کي سهولتون ڏيڻ، ڏورانهن علائقن جي ترقي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪاروبا??ي برادري جا ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين کاتن بابت مسئلا حل ڪنداسين، عوامي مسئلن جي حل لاءِ موثر بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون، ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال ۾ معاشي سرگرميون جاري رکڻ اهم چئ??ينج هو، حڪومت ٺوس قدمن سان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آندو، ڪورونا وائرس جي وبا جي پهرين لهر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪندڙ مخالف ڌر اڄ جلسا ڪري رهي آهي، ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ احتي??طي تدبيرن تي عمل ضروري آهي، عوام ماسڪ پائي ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪري، صحيح معنيٰ ۾ احتي??طي تدبيرون اختيار نه ڪيون ويون ته سرديءَ جي موسم ۾ مشڪلاتون پيش اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ فضائي ايئر سيال جي افتتاح کانپوءِ ڪاروبا??ي برادري کي خطاب ڪندي ??يو.